ڊاسوڙي مخدوم محمد امين

ڊاسوڙي مخدوم محمد امين: بزرگ عالم مخدوم محمد امين، ڳوٺ ڊاسوڙي، تعلقي ٽنڊي الهيار جو ويٺل هو. هي باطني فيض ڏيڻ سان گڏ مدرسي ۾ به پڙهائيندو هو، جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد ظاهري علم پڙهندا هئا. هن کي ’ڊاسوڙي بزرگ‘ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. خواجه محمد حسن لنواري واري کان نقل آهي ته: ” بزرگ ڊاسوڙيءَ جو مرشد، دهليءَ جو رهاڪو هو ۽ هو هميشه مرشد جي زيارت ڪرڻ دهلي ويندو هو. جڏهن هن جي وفات جو وقت آيو، ته فرمائڻ لڳو ته مون کي دنيا جو ڪو به فڪر نه آهي، سواءِ ان جي، جو منهنجيءَ ڄمار ايترو جٽاءُ نه ڪيو، جو وري وري مرشد جي زيارت لاءِ دهليءَ جو سفر ڪندو رهان ها ۽ ان مان چڱيءَ طرح ڍاپجان ها.“
ڊاسوڙي بزرگ جي شاگردن ۽ مريدن مان مخدوم صابر ولهاري ۽ مخدوم ميڏنو/ مير ڏتو نصرپوري مشهور عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن. هن بزرگ جو ذڪر تحفة الڪرام، ارشاد الطالبين، گلشن اولياء، صفائل الغمائر، تذڪره مشاهير جھڙن ڪتابن ۾ به ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو